صوڀراج پرسرام مينگهاڻي

صوڀراج پرسرام مينگهاڻي: مشهور اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ صوڀراج پرسرام مينگهاڻي، ايس. پي مينگهاڻي جي نالي سان پڻ مشهور هو. سندس جنم پهرين مارچ 1934ع تي ميرپورخاص سنڌ ۾ ٿيو. ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي وڃي ممبئي وسايائين. هيءُ تعليمي قابليت جي حوالي سان گريجوئيٽ هو. هن 30 کان مٿي سنڌي، هندي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو، جن ۾ ‘انڊر سيڪريٽري’، ‘الجهن’، ‘مهمان’، ‘پل جو پتي’ ۽ ‘هيءَ يا هوءَ’ (سنڌي)، ‘اجنتاسي پئرس تڪ’، ‘ڪاليج هاسٽل’، ‘جئي گنڌا’، ‘شڪنتلا’ ۽ ‘روتي بيتي’ (هندي) قابل ذڪر آهن. هن 100 کان وڌيڪ ريڊيو جي ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو. ان کانسواءِ 12 سنڌي ۽ هندي فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، جن ۾ ‘هو جمالو’، ‘نقلي شان’، ‘رات هڪ طوفان جي’، ‘بدنام فرشتي’ ۽ ‘گهر ڪي لاج’ وغيره قابل ذڪر آهن. ايس. پي مينگهاڻي، سنڌي ۽ هندي ڊرامن ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاريءَ کان سواءَ گجراتي ۽ مرهٽي ناٽڪن ۾ پڻ اداڪار ۽ هدايتڪار طور ڪم ڪيو. کيس ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: ‘اکل ڀارت سنڌي ٻولي’ ۽ ‘ساهت سڀا’، ‘اکل ڀارت سنڌي پئنچات فيڊريشن مهاراشٽر سرڪار’ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.03.01  عيسوي

صوڀراج پرسرام مينگهاڻي جو جنم پهرين مارچ 1934ع تي ميرپورخاص سنڌ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد بخش سميجو
سيد معشوق علي شاهه دهلوي
حاجي خان خشڪ
داداڀائي ولي محمد
حاجي خان محمد مڱريو
جئرام داس دولترام
حافظ عبدالستار ڪوريجو
رانا سي راٺوڙ
جميل الزمان جميل مخدوم
واحد بخش شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون